ڪراچي (م ڊ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪي ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري رپورٽ موجب نئين سال جي ٻئي هفتي ۾ پهريون ڀيرو ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته امپورٽ روڪڻ سان ذخيرا گٽجڻ جو عمل رڪيو آهي، 13 جنوري تائين ذخيرا 10 ارب 44 ڪروڙ ڊالر رهيا. جنوري جي ٻئي هفتي ذخيرا 25 ڪروڙ 58 لک ڊالر وڌيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 25 ڪروڙ 80 لک ڊالر واڌ سان 4.60 ارب ڊالر آهن، جڏهن ته 13 جنوري تائين ڪمرشل بئنڪن جو ذخيرو 22 لک ڊالر گهٽ ٿي 5.84 ارب ڊالر رهيو.