اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزارت پاران ملڪي معيشت جي جائزي جي حوالي سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ملڪي معيشت جي صورتحال بابت ڀيانڪ تفصيل سامهون آيا آهن، رپورٽ ۾ ناڻي ذخيرا گهٽجڻ، مالياتي خسارو وڌڻ ۽ مهانگائي ۾ اضافي جو انڪشاف ٿيو آهي. ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل تفصيلن موجب گذريل مالي سال 28 ڊسمبر 2021ع تي پاڪستان وٽ ناڻي جي مٽا سٽا جا ذخيرا 24.116 ارب ڊالر هئا، جيڪي 28 ڊسمبر 2022ع تي گهٽ ٿي 11.496 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن، 28 ڊسمبر 2021ع تي اسٽيٽ بينڪ وٽ مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا 17.681 ارب ڊالر هئا، جيڪي 28 ڊسمبر 2022ع تي گهٽ ٿي اسٽيٽ بينڪ وٽ مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا رڳو 5.614 ارب ڊالر رهجي ويا آهن، 28 ڊسمبر 2021ع تي نجي بينڪن وٽ پرڏيهي مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا 6.435 ارب ڊالر هئا، جيڪي 28 ڊسمبر 2022ع تي گهٽ ٿي 5.886 ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن، 28 ڊسمبر 2021 تي ڊالر جو اگهه 178 رپيا 19 پيسا هو، 28 ڊسمبر 2022ع تي ڊالر جي اگهه ۾ رڪارڊ اضافي کان پوءِ ڊالر جو اگهه 226 رپيا 37 پيسا تي پهچي ويو آهي، 19 نومبر 2021ع تي پاڪستان ۾ پاليسي ريٽ 8.75  سيڪڙو هو، جيڪو 25 نومبر 2022ع تي 16 سيڪڙو تي پهچي ويو آهي، گذريل مالي سال جي جولاءِ کان نومبر ۾ مهانگائي جي شرح (سي پي آءِ) 9.3 سيڪڙو هئي، جيڪا هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان نومبر تائين وڌي 25.1 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذريل مالي سال جي جولاءِ کان نومبر تائين پاڪستان ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کان 13.3 ارب ڊالر آيا، هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان نومبر تائين گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 9.6 سيڪڙو گهٽ پرڏيهه کان 12 ارب ڊالر آيا، انهيءَ عرصي دوران گذريل مالي سال دوران پاڪستان جي ايڪسپورٽ 12.3 ارب ڊالر هئي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران ان ۾ به 2 سيڪڙو گهٽتائي آهي جنهن سان ايڪسپورٽ هلندڙ مالي سال ۾ 12.1 ارب ڊالر رهي، پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري گذريل مالي سال جي جولاءِ کان نومبر تائين 88  ڪروڙ 49 لک ڊالر هئي، هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان نومبر تائين پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري رڳو 43 ڪروڙ ڊالر رهي، گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هن مالي سال دوران 51.4 سيڪڙو سڌي پرڏيهي سرمائيڪاري ۾ گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته مالياتي خسارو گذريل مالي سال جي جولاءِ کان آڪٽوبر تائين 587 ارب رپيا هو، جيڪو هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان آڪٽوبر مهيني تائين وڌي 1266 ارب رپين تائين پهتو آهي، ان عرصي دوران گذريل سال پرائمري بيلنس 206 ارب هو، جيڪو هلندڙ مالي سال دوران ان عرصي ۾ پرائمري بيلنس 176 ارب رپين تي اچي ويو آهي، رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته گذريل مالي سال دوران جولاءِ کان آڪٽوبر تائين لارج مينيوفيڪچرنگ جي گروٿ 7.6 سيڪڙو هئي، اها هلندڙ مالي سال جي جولاءِ کان آڪٽوبر تائين گهٽ ٿي منفي 2.9 سيڪڙو تي پهتي آهي.