دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا جو قومي ٽيم جي ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ شڪست کانپوءِ ردعمل اڳيان آيو آهي. رميز راجا پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ايشيا ڪپ جو فائنل ڏسڻ لاءِ دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم پهتو هو. ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي رميز راجا صحافي کي طنزيه جواب ڏيندي چيو ته جڏهن 6 بالن تي 38 رنز رهجي ويون هيون تڏهن لڳو ميچ هٿن مان نڪري وئي آهي. هن چيو ته کٽڻ هارائڻ ٿيندو رهندو آهي، ڪيچز ڊراپ ٿيون ان ڪري پوزيشن ڪمزور ٿي، بيٽنگ جو رڌم نه ٺهيو، اسان جي بيٽرز کي گهرجي ته اسپنرن کي چڱي طرح سان کيڏن، ناڪ آئوٽ ميچ جو ڪوبه پريشر نه هو، هيءَ ٽيم ورلڊ ڪپ کٽندي.رميز راجا چيو ته ٽيم کي پيغام آهي اهڙي طرح سٺي ڪرڪيٽ کيڏندا رهن، وڏيون ميچون کٽنداسين، فائنل تائين پهچي وياسين وڏي ڳالهه آهي، فينز هن ٽيم کي سپورٽ ڪندا رهن وڏي مشڪل سان هي ٽيم ملي آهي. ان کان علاوه رميز راجا ڀارتي صحافي کي مخاطب ٿي چيو ته اوهان ڀارت کان هوندا، اوهان پاڪستان جي شڪست تي گهڻو خوش ٿيندا.