ڪرمپور (ن پ ا ) ناپرڪوٽ پوليس ڪچي ۾ ڪارروائي ڪري 3 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعوي’ ڪئي آهي.هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل کير جو واپاري سهراب ميراڻي ۽ چار ڏينهن اڳ اغوا ٿيل مڇي جا واپاري اسلم ۽ نياز ميراڻي مبينا مقابلي ۾ بازياب ٿي ويا. ايس ايچ او ناپرڪوٽ ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي پوليس پهتي ته ڌاڙيلن سان مقابلو ٿي پيو، پوليس ڪامياب ڪارروائي ڪري ٽنهي مغوين کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو. ڌاڙيل اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا، علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوين جي بازيابي راڄوڻي ذريعي ٿي آهي.