غوثپور (ن پ ا ) ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل ذاڪر سومرو جا جوابدار ۽ ٽرڪ ڊرائيور منظور سولنگي بازياب نه ٿي سگهيو. پيرسن امڙ صغران خاتون، عامر سولنگي، ثناءَ الله اوڳاهي ۽ ٻين پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي چيو ته چار ڏينهن اڳ هٿياربند ٽرڪ ڊرائيور ذاڪر سومرو کي قتل ڪرڻ بعد ٽرڪ ڊرائيور منظور سولنگي کي اغوا ڪري ويا. هنن ٻڌايو ته پوليس پاران ورتل مهلت ختم ٿيڻ باوجود ٽرڪ ڊرائيور منظور سولنگي کي بازياب ناهي ڪرايو ويو. وارثن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي مغوي کي بازياب ڪرائي ڳڻتي ختم ڪئي وڃي.