ڪرمپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي) بيگاري لنڪ روڊ تان هٿياربند سيلون بند ڪري شهر کان ڳوٺ هيرالدين جهانگواڻي ويندڙ عبدالڪريم جهانگواڻي کي اغوا ڪري ويا. ناپرڪوٽ پوليس پيرا کنيا جيڪي ڪچي ۾ گم ٿيڻ بعد واپس موٽي وئي،  ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد مان مغوين جو انگ چار ٿي ويو، وارثن ناپرڪوٽ ٿاڻي ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو،گاڏين جون قطارون لڳي ويون ايس ايڇ او احمد علي هاليپوٽو ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري ٽن ڏينهن جي مهلت وٺي ڌرڻو ختم ڪرايو، ياد رهي ته ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد مان چار ڄڻا اغوا ٿيل آهن، جن ۾ هدايت الله ميمڻ، عبدالرزاق شيخ، منظور سولنگي ۽ عبدالڪريم جهانگواڻي شامل آهن. ايس ايس پي شڪارپور ايس ايچ او ناپرڪوٽ احمد علي هاليپوٽو کي بدلي ڪري عاشق علي ابڙو کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي