حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ناٺي سان 75 لک رپين جي فراڊ واري ڪيس مان سس جي ضمانت منظور ٿي وئي آهي. سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 7 جي عدالت مسمات آسيا زال محمد حنيف راجپوت کي 5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. قاسم آباد پوليس 9 سيپٽنمبر 2022ع تي زين رئوف نالي شخص جي فرياد تي فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو هو. فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته کانئس سس مسمات آسيا ۽ سهري محمد حنيف ڪاروبار لاءِ 75 لک رپيا اڌارا ورتا هئا جيڪي کين ٻن مهينن دوران ادا ڪرڻا هئا. فريادي ڪيس ۾ اهو به ڄاڻايو ته پئسن جي ڏيتي ليتي وارو معاهدو 26 مارچ 2022ع تي شاهدن جي موجودگي ۾ ٿيو ۽ رقم جي بدلي کيس چيڪ ڏنو ويو جيڪو هن لاڳاپيل بئنڪ ۾ ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو بوگس نڪتو. پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بعد عورت کي گرفتار ڪيو هو جڏهن ته سندس مڙس لاپتا ٿي ويو. گرفتار عورت مسمات آسيا وڪيل نعيم الدين سهتو معرفت ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد فراڊ ڪيس مان عورت جي ضمانت منظور ڪندي سندس آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.