ڄام نواز علي: چوپائي مال جي شوقينن غلام حيدر جنجهي، غلام محمد ڏاهري، دلمراد بگٽي، علڻ هڱورجو، شوڪت شر، منگل بگٽي، ڀاڳيو مري، ڪالو زرداري، دلاور وساڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته سندن وٽ تمام ناياب نسل جون جنسون آهن جن کي هو وڏي چاهه سان پالين ٿا، هنن چيو ته مالوند پنهنجي طور تي سڀ ڪجهه ڪن ٿا جڏهن ته سرڪاري سطح تي ڪا به سهائتا يا مالڪي نه پئي ڪئي وڃي. هنن چيو ته مالوند شوق پورو ڪرڻ ۽ نسل کي وڌائڻ  لاءِ پنهنجي خرچ تي مختلف ميلن ۽ منڊين ۾ ٻڪريون آڻي نمائشون  ڪرائين ٿا، هنن چيو ته سنڌ اندر ڀلوڙ ٻڪرين جي جنس تيزي سان ختم ٿي رهي آهي، جنهن کي بچائڻ لاءِ حڪومت کي اڳتي اچي قدم کڻڻ پوندا،