آئرلينڊ(انٽرسٽنگ نيوز) آئرلينڊ جي ڪناري تي ناياب ترين ٽائگر شارڪ اچي ڦاٿي ۽ اهو هن ملڪ جي ڪناري تي پنهنجي نوعيت جو پهريون ۽ انوکو واقعو به آهي. 14 فوٽ ڊگهي ناياب ترين شارڪ جو وزن 3 کان 4 سئو ڪلو گرام ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته سائنسدانن ان غيرمعمولي واقعي جو سبب ڄاڻڻ ۾ مصروف آهن. ڪناري تي ڦاٿل شارڪ تي سڀ کان پهريان نظر سوئزرلينڊ جي سياحن جي پئي جنهن کانپوءِ هنن انتظاميا سان رابطو ڪيو. ان کانپوءِ ٽرينٽي ڪالج ڊبلن جي ماهر نڪولس پائن ۽ هن جا ساٿي اتي پهتا. هنن ٻڌايو ته تصويرون ڏسندي ئي فوري طور تي پنهنجي ٽيم سان گڏ ويڪسفورڊ پهتا آهيون جتي ڪناري تي ٽائگر شارڪ موجود هئي. نڪولس مڇيءَ کي ٻيهر پاڻي حوالي ڪرڻ کان اڳ هن جا ڪيترائي نمونا ورتا، ماپ ڪئي ۽ وزن جو اندازو لڳايو پر ان کان اڳ ئي هوءَ مري چڪي هئي. پر هن جي موجودگي ۽ موت جو سبب هڪ ڳجهارت به آهي. پر ٽائگر شارڪ کي ايترو ويجهو کان پهريون ڀيرو ڏسڻ هڪ يادگار لمحو به هو. ماهرن ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ناياب ترين ٽائگر شارڪ جو موت هڪ ڏکوئيندڙ واقعو آهي ۽ ان جي تدارڪ تي غور ڪرڻ گهرجي.