ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ پوليس 78 خطرناڪ ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ انعام رکڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ طرفان گھروکاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو ته ڏوهارين جي سر جي قيمت مقرر ڪرڻ واري صوبائي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 78 ڏوهارين جي سر تي قيمت مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته جوابدار عاشق پٽ الهه وسايو، چاڪر پٽ يار محمد بروهي، داد محمد عرف دودو پٽ پيربخش عرف پيرل مارفاڻي، سلطان پٽ غلام رسول بجاراڻي، خالد عرف ڪالو جوڻيجو، دين محمد عرف دينل جيهو، غلام رسول عرف گل حسن عرف گلو جي سر تي 20-20 لک رپيا مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. اهڙي ريت ساجد چانڊيو، نورالدين تيغاڻي، نثار پٽ ارباب سبزوئي، سبحان پٽ غلام قادر عطراڻي جتوئي، وزير پٽ شفيع محمد عطراڻي جتوئي، سکر واسي رجب پٽ وزير عطراڻي جتوئي، حسين پٽ نواب جوڻيجو، محراب شر، گڊو غلام حيدر جتوئي، برڪت جتوئي، در محمد درو پٽ طوطل عرف طوطو، منور بروهي، بادشاهه عرف باشو جي سر تي 15-15 لک مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته صوبائي ڪاميٽي يحييٰ عرف نانگ مصراڻي جتوئي جي سر تي 70 لک قيمت رکڻ جي منظوري ڏني، ڪاميٽي علي محمد پٽ علي گل، غلام مصطفيٰ عرف مصطو جتوئي، دوست علي جتوئي، رمضان عرف ڪالي جتوئي، علي گل مهر، محمد ڪريم، يوسف عرف جوسو جتوئي، شڪور جتوئي جي سر تي 10-10 لک رپيا رکڻ جي منظوري ڏني. اهڙي ريت ڪراچي جي سٽي سائوٿ ضلعي جي ڏوهاري تاج محمد عرف تاجو جي سر تي 50 لک جي سفارش ڪئي وئي پر ڪاميٽي هڪ ڪروڙ جي منظوري ڏني، فيصل پٺاڻ تي 20 لک مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي پر ڪاميٽي 60 لکن جي منظوري ڏني، نثار احمد تي 20 لک رکڻ جي سفارش ڪئي وئي پر ڪاميٽي 50 لکن جي منظوري ڏني. زاهد لاڊلا تي 20 لک رکڻ جي سفارش ڪئي وئي پر ڪاميٽي هڪ ڪروڙ منظور ڪيا، اهڙي ريت سهيل ۽ شيراز ڪامريڊ جي سر تي 15-15 لک ۽ آغا شوڪت ۽ شڪيل بلوچ جي سر تي 10-10 لک قيمت منظور ڪئي وئي. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته جن ڏوهارين جي سر تي وڌيڪ رقم مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، انهن تي سنگين قسم جا ڪيس هئا. هوڏانهن گھوٽڪي ضلعي جي ڌاڙيل راحب شر، ڪراڙو شر، جانو انڍڙ، شهزادو دستي. مير جاگيراڻي سميت 35 ڏوهارين مٿان مجموعي طور 37 ڪروڙ رپيا انعام رکڻ جي منظوري ڏني وئي