رتوديرو (ن پ ا) رتوديرو ۾ 12 ورهين جي نينگري شمائلا ڌيءُ گلشن مهيسر پنهنجي ناناڻن خلاف احتجاج ڪندي انهن مٿان وڪرو ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، نينگري چيو ته 7 سال اڳ منهنجي ماءُ تسليم ۽ پيءُ وچ ۾ گھرو مسئلن تان اڻبڻت ٿي پئي هئي جنهن تان ڪاوڙجي منهنجي امڙ پنهنجن ڀائرن ڏانهن ڪراچي هلي وئي، جيڪي اتان جي علائقي ڪالا پل جا رهواسي آهن، هن چيو ته اسان ٻه ڀينر ننڍڙيون هجڻ سبب پنهنجي ماءُ سان گڏ مامن وٽ رهنديون هيوسين، هن چيو ته منهنجي وڏي ٿيڻ تي منهنجي ناني صادق، مامن سجاد، سرفراز، عقيل ۽ ماروٽ علي عباس مهيسر مون کي زبردستي وڪرو ڪري شادي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، هن چيو ته ناناڻن جي ظلم ۽ ڏاڍ کان تنگ ٿي مان گذريل رات ڪراچي مان اڪيلي نڪري پنهنجي پيءُ جي گھر ميرل جکرو محلي پهتي آهيان، هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته مامن ۽ ناني خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.