نامياري ادڪارا شبيران چنا جي طبيعت ۾ بھتري، ڊاڪٽرن وارثن کي آگاهه ڪري ڇڏيو

0
769
نامياري ادڪارا شبيران چنا جي طبيعت ۾ بھتري
نامياري ادڪارا شبيران چنا جي طبيعت ۾ بھتري، ڊاڪٽرن وارثن کي آگاهه ڪري ڇڏيو

ڪراچي: روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد هفتي کان وينٽيليٽر تي زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي پيل نامياري ادڪارا شبيران چنا جي طبيعت ۾ بھتري اچڻ لڳي آھي

ڊائو اسپتال ۾ شبيران چنا 7ڀيرا ھيمو  ڊائلاسز ٿي چڪي، اڄ ٻيهر ھيمون ڊائلاسز ٿيندي. شبيران چنا اڃا وينٽي ليٽر تي آھي ۽ کيس وڌيڪ ڪجهه عرصو وينٽي ليٽر تي ئي رکيو ويندو

اسپتال انتظاميا موجب شبيران چنا جي  علاج لاءِ ماھر ڊاڪٽرن تي ٻڌل ٽيم جوڙي آھي، جيڪا سندس بهترين علاج ڪندي

واضح رهي ته گذريل مهيني قاضي احمد ڀرسان روڊ حادثي ۾ شبيران چنا ٻن ڌيئرن سميت زخمي ٿي هئي، سندس ٻنهي ڌيئرن کي طبي امداد ڏئي گهر موڪل ڏني وئي پر شبيران چنا جي طبيعت خراب هجڻ سبب کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو

سنڌ حڪومت شبيران چنا جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته ثقافت کاتي شبيران چنا جي علاج لاءِ 2 چيڪ به جاري ڪري چڪو آهي