ٺاروشاھ (ن پ ا) نامياري اديب ۽ ڪهاڻيڪار دادا گوبند مالهي جي 101 هين سالگرهه،  ثقافت کاتي ۽ سنڌ حڪومت ڪا به تقريب منعقد نه ڪئي،  ٺاروشاهه ۾ 5 آگسٽ  1921ع ڌاري جنم وٺندڙ گوبند مالهي جديد سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي، هن سئو کان مٿي، ڪهاڻيون، 2 سئو کان وڌيڪ مضمون، پنجٽيهه ناٽڪ ۽ اٺاويهه ناول لکيا، کيس هند توڙي سنڌ ۾ سڀ کان گهڻا ناول لکڻ ڪري“ناول سمراٽ” ناول جو شهزادو سڏيو ويو، گوبند مالهيءَ کي ٻارنهن تيرهن سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي لکڻ جوشوق ٿيو، هن جي شروعاتي لکڻي ناتن ڌرم پرچارڪ ۽ ماهوار سنڌي رسالي “شڪارپور” ۾ مشهور جرمن شاعر گوئٽي جي ڪنهن نظم جو ترجمو ڇپيو، مالهي 42_1941ع ۾ سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ڌارا جو بنياد وجهي چڪو هو، جڏهن ته سياسي حوالي سان ڪانگريس جو اثر قبول ڪيائين، هن انهيءَ عرصي ۾ ئي شاگرد سياست جي پيڙهه جو پٿر به رکيو، جنهن دوران  هن جو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان تعلق پيدا ٿيو،  دادا گوبند 1942ع ۾ 3 مهينا جيل ۾ به رهيو، جيل مان نڪرڻ بعد ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو، 1944ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڪراچيءَ جو سيڪريٽري پڻ ٿيو، ساڳي ئي سال هن ايل ايل بي جو امتحان به پاس ڪيو،جڏهن ته  گوبند مالهيءَ کي ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادبي سنگت جو پهريون سيڪريٽري هجڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. گوبند مالهيءَ صحافت به ڪئي ۽ اسٽيج ناٽڪن، توڻي فلم جي هدايت ڪاري ۽ اداڪاري ۾ به حصو ورتو. مالهيءَ جا پنج ناول، پکيئڙا، ولر کان وڇڙي، ڏيهي پرڏيهي، پيار جي شڪست ۽ پيار جي پياس تمام مشهور رهيا آهن. ٻي طرف ٺارو  شاهه جي شهرين پاران دادا گوبند مالهي جي سالگرهه تي کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.