اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم شهباز شريف  جي تجويز تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناموس رسالت صلعم جي معاملي تي بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم قومي اسيمبلي جي ميمبر راجا پرويز اشرف کي سومر تي ٿيندڙ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ناموس رسالت ﷺ واري معاملي تي بحث ڪرائڻ جي درخواست ڪئي. پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف بي جي پي اڳواڻن جي بيانن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته دنيا جي سئو ارب مسلمانن جي دلين جو خون ڪيو ويو جنهن تي مسلمان سراپا احتجاج آهن. وزيراعظم چيو ته پاڻ سڳورن صلعم سان اسان جي عقيدت ۽ محبت جي هن اهم ۽ نازڪ معاملي تي ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي ۽ ڀارت ۾ ٿيل ان مذمت جوڳي واقعي خلاف ايوان ٺهراءُ منظور ڪري . شهباز شريف چيو ته قومي اسيمبلي مان منظور ٺهراءُ سان ڀارت سميت سڄي دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته نبي ڪريم صلعم جي حرمت لاءِ اسان هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي ۾ ناموس رسالت ﷺ جي معاملي تي بحث ڪرائڻ لاءِ سومر تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪ ڪلاڪ رکيو آهي، بي جي پي اڳواڻن جي توهين جوڳن بيانن جي مذمت ڪئي ويندي، مخالف ڌر کي به اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته هي معاملو سياسي، جماعتي ۽ انفرادي نوعيت جو ناهي پر اسان جي ايمان جو آهي، اچو گڏجي گستاخن خلاف ايمان جو مظاهرو ڪيون ، جڏهن ته قومي اسيمبلي بي جي پي ليڊرن جي بيانن تي مذمتي ٺهراءُ پڻ منظور ڪندي.