جيڪب آباد(رپورٽر) ملڪ جو ناليوارو لوڪ فنڪار صدارتي ايوارڊ يافته قمبر علي بروهي 76 ورهين جي ڄمار ۾ لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي مرحوم جو مڙهه اباڻي شهر جيڪب آباد آندو ويو جتي جان جيڪب قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي مرحوم قمبر علي بروهي پونئيرن ۾ هڪ بيواهه، 4 پٽ 6 نياڻيون سوڳوارن ۾ ڇڏي ويو ناليواري لوڪ فنڪار قمبر علي بروهي کي بهترين ڪارڪردگي تي تمغه امتياز ۽ تمغه حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو هو جيڪب آباد جي صحافين ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي صدر عبدالغني کوسو، عبدالرحمٰن آفريدي،حاڪم علي ايري، زاهد حسين رند، محمد موسيٰ چانڊيو، ايم ڊي عمراڻي، برڪت علي کوکر ۽ ٻين ملڪ جي مشهور لوڪ فنڪار قمبر علي بروهي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي.