لاهور (شوبز نيوز) ملڪ جو ناليوارو ڪلاسيڪل راڳي استاد مبارڪ علي دل جي بيماري سبب لاهور ۾ گذاري ويو، جنازي نماز اڄ پڙهائي ويندي. استاد مبارڪ علي کي دل ۾ تڪليف سبب لاهور جي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي دل بيهڻ سبب هن دم ڏئي ڇڏيو. سندس مڙهه لاهور جي شاهدرا ٽائون واري علائقي ۾ سندس رهائشگاهه تي آندو ويو، جتي پرستارن جو وڏو انگ پهچڻ شروع ٿي ويو. استاد مبارڪ علي جي مڙهه جي اڄ صبح 11 بجي جنازي نماز ٿيندي، جنهن بعد سندس مڙهه مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. استاد مبارڪ علي ڪلاسيڪل موسيقي کي پاڪستان اندر ترقي ۽ هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس ڪيترائي گيت مشهور ٿيا.