ڀرياسٽي (ن پ ا) ناليوارو سگھڙ احمد خان چانڊيو ڦڦڙن ۾ انفيڪشن سبب گذريل ٽن مھينن کان بيماري سبب بستري تي پيل آھي، ان حوالي سان  سگھڙ احمد خان چانڊيو ٻڌايو ته گذريل ٽن مھينن کان ڪراچي جناح اسپتال مان علاج بعد پنھنجي گھر ۾ بي يارو  مددگار آھيان، ھن وقت حالت انتھائي خراب آھي، پنھنجي مدد پاڻ تحت علاج ڪرائي رھيو آھيان، ثقافت کاتي پاران ڪابه سار ناھي لڌي وئي،  دوائن لاءِ پئسا نه ھجڻ سبب علاج اڌ ۾ ڇڏي ڏنو آھي، ھن ٻڌايو ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، قلندر لعل شھباز سميت ڪيترين ئي محفلن ۾ سگھڙائپ جي فن جو مطاھرو ڪيو آھي، ڪيترائي ايوارڊ مليا آھن، نوٽيس وٺي سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي.