ٺٽو (رپورٽر ) سنڌ جو نالي وارو محقق، تاريخدان ۽ اديب گل حسن ڪلمتي بيماري سبب ڪراچي جي مقامي اسپتال ۾ داخل، ان ڏس ۾   اديب گل حسن ڪلمتي بيماري سبب ڪراچي جي سفوران ڳوٺ ويجهو مقامي اسپتال ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان داخل آهي، جنهن جي بيماري جو اطلاع ملڻ بعد پ پ جي اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو سنڌ جي نالي واري اديب، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ۽ ٻين سان گڏ سندس عيادت ڪئي، ان موقعي تي هن چيو ته گل حسن ڪلمتي سنڌ جو وڏو محقق، تاريخدان ۽ اديب آهي جنهن سنڌ جي تاريخي ماڳن، مڪانن ۽ شخصتين سميت گم ٿيل ڪردارن کي ڪتابي شڪل ڏئي اسان جي سماج ۾ انهن کي ظاهر ڪيو آهي، هنن چيو ته اديب، تاريخدان، محقق ۽ شاعر قومن جا سفير هوندا آهن ان ڪري گل حسن ڪلمتي پڻ هڪ سنڌ  جو وڏو نالو آهي.