ناليوارو اداڪار انور شاد فالج جي بيماري ۾ مبتلا، واهر جي اپيل

0
354
ناليوارو اداڪار انور شاد

سيوھڻ(ن پ ا)سنڌ جو نالي وارو ڪھاڻيڪار ۽ اداڪار انور شاد ھڪ ھفتي کان فالج جي بيماري ۾ سيوھڻ اسپتال داخل، سرڪاري خرچ تي علاج ۽ واھر جي اپيل ڪئي وئي آهي

سنڌ جو ناليوارو ليکڪ ۽ اداڪار مختلف نجي ٽي وي چينلن ۽ اسٽيج ذريعي ڊرامن جون ڪھاڻيون لکندڙ ۽ اداڪاري جا جوھر  ڏيکاريندڙ باڊهه واسي انور شاد سولنگي گذريل ھڪ ھفتي کان سيوھڻ جي سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ اسپتال ۾ داخل ٿيڻ بعد بي يارو مددگار بڻيل آهي ۽ فالج جھڙي مرض ۾ مبتلا آھي

ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي انور شاد ٻڌايو ته منھنجي جسم جو ھيٺيون حصو گذريل ٻن مھينن کان ڪم ڪرڻ ڇڏي ويو آھي ۽ مان ھلڻ فرڻ کان لاچار بڻجي ويو آھيان ھن ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار شاھ ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي ته خدارا منھنجي جيئري ئي  منھنجي سار لھو، سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي