ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پ پ ايم پي اي ڄام اويس جوکئي جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڄام اويس کي نوٽيس جاري، عدالت نيشنل ڪميشن فار ھيومن رائٽس جي درخواست تي ڌرين کان جواب گھري ورتو، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران نيشنل ڪميشن فار ھيومن رائٽس جي وڪيل علي طاھر موقف اختيار ڪيو ته ڄام اويس مقتول ناظم جوکئي جي وارثن سان صلح ڪري ديئت جي رقم ادا ڪئي آھي، جنھن ڪري هاڻ هو صادق ۽ امين نه رهيو آھي، جنھن تي چيف جسٽس چيو ته ڇا توهان ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهيو آهي؟ بيرسٽر علي طاھر عدالت کي ٻڌايو ته ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته ڄام اويس ديت ادا ڪئي آھي، جيڪو ڏوھه جي اعتراف برابر آھي، پي پي سي جي سيڪشن 53 موجب ديئت سزا آھي، وڪيل پاران دليل ڏيڻ کانپوءِ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو، درخواست ۾ ڄام اويس، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي، چيف سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي.