ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير ۾ بيدري سان قتل ٿيل ناظم جوکيو ڪيس ۾ جيل اختياريون پ پ ايم پي اي ڄام اويس کي پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رھيون، نادرا پاران به ناظم جوکيو جي قانوني وارثن بابت رپورٽ پيش نه ٿي سگهي، عدالت نادرا کان 22 آڪٽوبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڪالهه ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير جي عدالت ۾ ناظم جوکيو ڪيس جي ٻڌڻي دوران جيل اختيارين پاران ڄام اويس کي پيش نه ڪيو ويو، ڪالهه ناظم جوکيو جي قانوني وارثن جي حوالي سان ايس ايڇ او ميمڻ ڳوٺ ۽ مختيار ڪار گڏاپ رپورٽ پيش ڪئي، جڏهن ته نادرا پاران ناظم جوکيو جي قانوني وارثن بابت رپورٽ پيش نه ٿي سگهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نادرا کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، واضح رهي ته ناظم جوکيو جي زال ۽ ماءُ پاران صلح (ٺاهه) لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڄام اويس سميت 6 جوابدارن کي ڪيس مان بري ڪرڻ تي اسان کي ڪو به اعتراض ناهي، پ پ ايم اين اي ڄام ڪريم جو نالو ثبوت نه ملڻ تي ڪيس ۾  خارج ڪيو ويو آهي.