اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي جي 48 ميمبرن جي رڪنيت گوشوارا جمع نه ڪرڻ تي معطل ڪئي آهي، جن ۾  سهراب سرڪي، عبدالرئوف کوسو، محمد شهريار مهر، معظم علي خان، گهنور اسراڻ، برهان چانڊيو، اڪرام الله خان، اويس قادر شاهه، فرح شاهه، ناصر شاهه رضوي، منور وساڻ، ساجد ٻانڀڻ، نعيم کرل، محمد راشد شاهه، علي غلام، ڄام شبير علي خان، ضياءَ عباس شاهه، قاضي شمس الدين، ناصر قريشي، عبدالڪريم سومرو، محمد هاليپوٽو، حسنين مرزا، محمد يوسف بلوچ، محمد سليم، عبدالرزاق راجا، اظهر خان، عديل احمد، محمد يونس سومرو، عديل شهزاد، سعيد احمد، شهلا رضا، شميم ممتاز، سدره عمران، ماروي فصيح، نسيم، حمير سنگهه، مڪيش ڪمار چاولا، لال چند اڪراڻي شامل آهن.