لاهور(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي اڳوڻي ڪپتان ناصر حسين قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان جي اوپننگ جوڙي شان مسعود سان گڏ ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي. ڪرڪيٽ ويب سائٽ موجب ڪيترائي رڪارڊ ٽوڙڻ ۽ ڊوميسٽڪ ليگ ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ کانپوءِ ليفٽ هينڊ بيٽر جي قومي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي پر ان باوجود شان کي چوٿين نمبر تي رکندي بابر ۽ رضوان کان اوپننگ ڪرائي وئي. ڪائونٽي چئمپين شپ ۽ ڊربي شائر دوران شان مسعود کي سڃاڻيندڙ ناصر حسين جو چوڻ آهي ته شان مسعود هڪ فنشر نه بلڪ اهو هڪ اوپننگ بيٽر آهي، شان مسعود کي نمبر 4 تي بيٽنگ لاءِ موڪليو ويو جنهن جو مون وٽ ڪوبه منطق نه آهي ڇو ته ان وقت رڳو 5 اوور بچيا هئا.