نازش جهانگير عورت مارچ کي طلاقن ۾ واڌ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

0
170
نازش جهانگير عورت مارچ کي طلاقن ۾ واڌ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو
نازش جهانگير عورت مارچ کي طلاقن ۾ واڌ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور اداڪارا نازش جهانگير عورت مارچ کي ملڪ ۾ وڌندڙ طلاقن جو ذميوار قرار ڏنو آهي. هڪ پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته آئون اڄ به ان ڳالهه تي ڄمي بيٺي آهيان ته هر روئيندڙ عورت سچي ناهي هوندي

آئون برابري تي يقين رکان ٿي ۽ نه ٿي مڃان ته روڊ تي عورت مارچ ڪرڻ عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ آهي، مون کي ناانصافي تي ٻڌل فيمنزم تي يقين نه آهي

روڊ تي عورت مارچ ڪرڻ به فيمنزم نه آهي. هن چيو ته عورت مارچ ۾ جن عورتن لاءِ ڳالهايون ٿا انهن کي ته خبر ئي نه هوندي آهي اهي ته اڄ به ڳوٺ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ آلو پچائي رهيون هونديون

ٿي سگهي ٿو ته غلط هجان پر ان عورت مارچ جي ڪري خلع جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، نه ٿي چوان ته ظلم سهو، ظلم نه سهو نڪرو پر رشتن کي سمجهڻ نه وساريو، زندگي اسان جي والدين به گذاري آهي