ٺاروشاهه: نبيرو ڪندڙ سيد احمد شاهه ٻڌايو تـ ميمڻ ۽ راجپوت برادري جي ڌرين ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بعد نبيرو ڪيو ويو، جوابدار عمران راجپوت ناري کي شادي جو آسرو ڏئي فوٽو ڪڍيا هئا، جيڪو عمل غلط ھو، هن چيو ته ناري ۽ جوابدار ۾ پيار جو رشتو هو جنهن ڪري ٻنهي جي شادي ڪرائي وئي، جڏھن ته رخصتي 6 مھينن بعد ٿيندي، هن چيو ته ڌرين جي راضپي سان ڪيس ختم ڪرايو ويندو.