واشنگٽن (انٽريسٽنگ نيوز) دنيا جي مارڪيٽن ۽ شاپنگ مالز ۾ وڏا وڏا لطيفا ٿيندا آهن. جيڪڏهن انهن ڳالهين تي ٿورو به ڌيان ڏنو وڃي ته ماڻهو کلي کلي کيرو ٿي پوي. اهڙي ئي دلچسپ هي تصوير آهي. سوشل ميڊيا ۽ دلچسپ واقعن وارين ويب سائيٽن تي ته هنن خبرن جي ڌم متل آهي. پر ان ۾ ناري ۽ همراهه ڪير آهن انهن جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي آهي. تنهن هوندي به ڏسي سگهجي ٿو ته همراهه جي ڳچي ۾ پٽو ٻڌل آهي. عورت ته ان صورتحال تي خوش نظر اچي رهي آهي پر همراهه جي چهري تي شرمندگي جا آثار آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي تصويرون حيران ڪندڙ آهن. هي تصوير ڏسڻ شرط مذاق ٿي لڳي پر هن تصوير ۾ موجود عورت ۽ مرد وٽ وضاحت ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجه هوندو پر اهو سامهون نه اچي سگهيو آهي.