اسلام آباد: جاچ ۾ شامل اهلڪار موجب ناري ڪنهن ٻئي شهر جي رهائشي آهي جيڪا واقعي واري ڏينهن امتحان جي سلسلي ۾ اسلام آباد آئي هئي ۽ پنهنجي مڱيندي کي شهر ۾ رهڻ جو بندوبست ڪرڻ جو چيو هو، متاثر نوجوان ڪيس جي مرڪزي جوابدار عثمان مرزاد جي هڪ دوست کان فليٽ هڪ رات لاءِ ڪرائي تي ورتو، ناري ۽ نوجوان فليٽ ۾ موجود هئا ته جوابدار جو ڀاءُ اتي پهتو ۽ فليٽ ۾ اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي عثمان مرزا جي دوست کيس ٻڌايو ته اندر فيملي آهي اوهان اندر نٿا وڃي سگهو، جنهن تي جوابدار جي ڀاءُ عثمان مرزا کي فون ڪري ڪجهه ماڻهن کي گهرايو ۽ ناري ۽ نوجوان سان بدسلوڪي ڪئي، وڊيو ٺاهيندڙ جوابدار ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ڪنهن سان واقعي جو ذڪر ڪيو ته وڊيو وائرل ڪئي ويندي، اسلام آباد پوليس جي سربراهه قاضي جميل الرحمان موجب جوابدار عثمان مرزا پاڻ شادي شده آهي ۽ ٻارن وارو آهي.