حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ ناريل جي امپورٽ تي پابندي بعد 4 لک ماڻهو متاثر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي جڏهن ته پابندي بعد هندو برادري جي مذهبي تهوارن ۾ استعمال ٿيندڙ ناريل اڻلڀ پيو ٿئي. ان سلسلي ۾ آل پاڪستان فريش ڪوڪونٽ امپورٽرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ محمد اڪرم انصاري پريس ڪلب ۾ عبدالقادر، سليم ڀائي، حاجي فيصل، حاجي رئوف ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته19 مئي 2022ع تي وفاقي سرڪار ايس آر او جاري ڪري 800 کان وڌيڪ ائٽم جي امپورٽ تي پابندي لڳائي هئي. جنهن کان پهرين واپارين سان صلاح مشورو ڪيو وڃي ها ڇاڪاڻ ته ناريل جي پوکي ملڪ ۾ نه ٿي ٿئي ناريل انڊونيشيا، ملائشيا ۽ بنگلاديش مان گهرايو وڃي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ هر مهيني 90 کان 95 هزار يو ايس ڊالر جو ناريل درآمد ٿيندو هو جنهن سان حڪومت کي 11 کان 12 ملين ٽئڪس به فراهم پئي ٿيو جڏهن ته ناريل هندو برداري جي مذهبي تهوارن ۾ به استعمال ٿئي ٿو. ناريل جي بندش سبب روزگار متاثر ٿيندو ۽ هزارين پورهيت به بيروزگار بڻجي ويندا جڏهن ته ملڪي خزاني کي پڻ نقصان ٿيندو. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور ناريل تان پابندي ختم ڪئي وڃي ته جيئن هو پنهنجو روزگار ڪري سگهن.