ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نارا ۽ جمڙائو ڪئنالن جي پچنگ ۽ مرمت لاءِ خانگي ڪمپني کي 58 ڪروڙ رپيا جاري ڪرڻ واري ڪيس ۾ سنڌ حڪومت درخواست واپس وٺي ڇڏي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نارا ۽ جمڙائو ڪئنالن جي پچنگ ۽ مرمت لاءِ خانگي ڪمپني کي 58 ڪروڙ جاري ڪرڻ واري ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جي اپيل جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل اپيل واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي، عدالت سنڌ حڪومت جي درخواست منظور ڪندي اپيل واپس وٺڻ تي خارج ڪري ڇڏي، واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ نارا ۽ جمڙائو ڪئنالن جي مرمت ۽ پچنگ لاءِ 58 ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، سنڌ حڪومت اهڙي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي ھئي، اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل سلمان طالب الدين اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته خانگي ڪمپني کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ بدران مصالحتي فورم سان رجوع ڪرڻ گهرجي ها.