ڪوئيٽا(م ڊ) سياسي جماعتن جي پاليسين کان ناراض اڳواڻن پاران عوامي مسئلن جي حل لاءِ غيرجماعتي فورم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان، مفتاح اسماعيل، مصطفيٰ نواز کوکر ۽ لشڪري رئيساڻي ۽ ٻين ڪوئيٽا ۾ ٿيل هڪ سيمينار دوران غير جماعتي فورم قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جنهن بعد چئني اڳواڻن پريس ڪانفرنس ۾ غيرجماعتي فورم جو اعلان ڪندي چيو ته صوبن کي سندن حق ڏيڻا پوندا، ارڙهين ترميم تحت صوبن کي ملندڙ اختيار ۽ وسيلا ضلعن تائين منتقل ٿيڻ گهرجن، اڳواڻن پاران گوادر جي حق دو تحريڪ جي گرفتار ڪيل اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو. مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته گارگند ۽ الزام بازي واري  سياست ملڪي مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، سمورن مسئلن جو حل آئين ۾ موجود  آهي. ڪالهه ڪوئيٽا ۾ قومي ڊائيلاگ تي سيمينار ٿيو جنهن ۾ اسان سڀني غير جماعتي بنيادن تي ملڪي مسئلن بابت ويچار ونڊيا. هن چيو ته ملڪ جي سياسي صورتحال جا ذميوار اسان سڀ آهيون، اسان آئين جي ڳالهه ته ڪريون ٿا پر آئين تي مڪمل عمل نه ٿا ڪريون. سندس چوڻ هو ته  اڄ جي سياست انتقام ۽ دشمني جي سياست بڻجي وئي آهي، اڄ جي سياست هڪ ٻئي کي گاريون ڏيڻ ۽ الزام مڙهڻ جو نالو آهي، اِها سياست ملڪي مسئلا حل نٿي ڪري سگهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته انهن سمورن مسئلن تي بحث ڪرڻ لاءِ هڪ فورم جوڙيو آهي جنهن جي شروعات ڪوئيٽا کان ٿي آهي، حقيقت اِها ناهي جيڪا ٽي وي تي ڏيکاري وڃي ٿي يا اخبارن ۾ ٻڌائي ويندي آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ کي هن وقت سياسي استحڪام جي سخت ضرورت آهي، معيشت، سياست ۽ ٻين مسئلن جو حل آئين ۾ موجود آهي. هن چيو ته جيڪي خرابيون ڏهه ويهن سالن ۾ پيدا ٿيون اِهي اٺن مهينن ۾ ٺيڪ نٿيون ٿي سگهن، سياستدان، فوجي، ڪامورا ۽ ميڊيا سميت اسان سڀ مسئلن جا ذميوار آهيون، عدليا به اهڙن فيصلن کي ڏسي جيڪي مُلڪ تي اثرنداز ٿيا. هن وڌيڪ چيو ته مُلڪ جون ڏاڍيون تلخ حقيقتون آهن، پاڪستان وٽ مسئلن جو ڪو معجزاڻو حل نه آهي، جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته ملڪ جا مسئلا حل ٿين ته پوءِ سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ملڪي مفادن کي نظر ۾ رکندي سمورا فيصلا آئين پٽاندڙ ڪرڻا پوندا. ان موقعي تي اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي آهي ۽ حڪومتي ادارا اربين رُپين جو نقصان ڪري رهيا آهن. گذريل چئن مهينن دوران جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي افسوس ٿيو، هاڻي آءِ ايم ايف سان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن جيڪو سٺو سنئوڻ آهي. هن چيو ته 20 ورهين دوران قرض وڌندو پيو وڃي، هلندڙ سال پاڪستان کي 21 ارب ڊالر واپس ڪرڻا آهن. مفتاح اسماعيل چيو ته عوام ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، حڪومت تعليم ۽ صحت بدران قرض جي قسط ادا ڪندي، قسطون ادا ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي وڌيڪ لنگهڻ ڪاٽڻ جي گنجائش نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته مُلڪ ۾ ڏاڍي بيروزگاري  ۽ مهانگائي وڌي چڪي آهي، وقت اچي ويو آهي ته ماڻهن کي حق ڏنا وڃن، پاڪستان ان لاءِ نه ٺاهيو ويو هو ته ماڻهو غربت ۾ زندگي گذارن. مفتاح اسماعيل چيو ته مُلڪ ۾ 80 سيڪڙو ٻار خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، برآمدات وڌائڻي پوندي، زراعت جي شعبي ۾ بهتري جي ضرورت آهي، حڪومت چئن مهينن ۾ فيصلا ناهن ڪيا، جنهن سبب معيشت کي نقصان ٿيو آهي.