اسلام آباد (بيورو رپورٽ­) وفاقي گهرو کاتي نادرا ۾ ڀرتي ٿيل ملازمن جا تفصيل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيا، گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته نادرا ۾ 11 سئو 9 ملازمن جو واسطو هٿياربند  فوجن سان آهي، گھرو کاتي موجب رٽائرڊ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد طلحه سعيد کي نادرا ۾ ضم ڪيو ويو، فوج جا ملازم ڪانٽريڪٽ تي به نادرا ۾ ڀرتي ڪيا ويا، نادرا ۾ ڀرتي ٿيل 49 آفيسرز جو به واسطو فوج سان آهي، 9 ڊي جيز، 20 ڊائريڪٽرز ۽ 15 ڊپٽي ڊائريڪٽرز جو واسطو فوج سان آهي. جماعت اسلامي جي مشتاق احمد چيو ته نادرا ۾ 49 اسٽريٽجڪ عهدن تي رٽائرڊ فوجي آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن، نادرا رٽائرڊ فوجين جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي، انهن عهدن تي پي ايڇ ڊي ڪري ويٺل نوجوانن کي ڇو ڀرتي نه پيو ڪيو وڃي؟، گهرو مامرن جي مملڪتي وزير شهادت اعواڻ جواب ڏيندي چيو ته سيڪيورٽي ۾ فوج جي رٽائرڊ ماڻهن جو تجربو وڌيڪ هوندو آهي، ائين اداري جي مفاد ۾ ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ سينيٽر همايون محمد چيو ته ڇا ڀرتي ٿيل پاڪ فوج جا آفيسر پگهارن سان گڏ پنهنجي پينشن به حاصل ڪري رهيا آهن، ائين ٿيندو آهي ته آفيسر پنهنجي پينشن به وٺندا آهن ۽ ٻي پگهار به حاصل ڪندا آهن ائين ٿيڻ نه گهرجي، گهرو مامرن جي مملڪتي وزير شهادت اعواڻ چيو ته اها اهم تجويز آهي ته پابندي لڳائي وڃي ته ڪوئي رٽائرڊ ملازم هجڻ جي صورت ۾ سرڪاري نوڪري نه ڪري سگهي.