کپرو (رپورٽ: آزاد راڄڙ) اڇڙي ٿر  جي پير پاڳاري جي مريدن سان  خليفن جي مبينا زيادتي خلاف ڪيل احتجاج  ۽ هٿ بند هئڻ سبب 14 نياڻين جي رڪيل  شادي وارو معامرو، متاثر مريدن نائب خليفي جي موقف کي رد ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ حاڪم هنڱورجو چيو ته نائب خليفي ابراهيم هنڱورجو ڪوڙ ڳلهائي رهيو آهي، اسان جي ڪنهن به نياڻي جي شادي ناهي ٿي، خليفي اهڙي بيان ۾ ڪا به سچائي ناهي، هن چيو ته پاڙي وارن سميت سمورو علائقو معامري کان باخبر آھي، هن چيو ته خليفي جو موقف ڏکيندڙ ۽ ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي، هن ٻڌايو ته روينيو رڪارڊ جي روشني ۾ تڪراري علائقي جو ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ هلندڙ آھي، هن چيو ته خليفو احمد راڄڙ ۽ نائب ابراهيم هنڱورجو مون سميت اڇڙي ٿر ۾ ڪيترن ئي مريدن سان زيادتيون ڪري چڪا آهن، هن چيو ته خليفن جي زيادتين ۽ ظلم جي جاچ لاءِ پير سائين پاڳارو اڻ ڌر ڪاميٽي قائم ڪري يا عدالتي حڪم تي انساني حقن وارا عدالتي جاچ ڪرائين، حاڪم هنڱورجو چيو ته منهنجي 6 نياڻين سميت 14 نياڻيون  بالغ ھئڻ باوجود به شادين کان محروم آهن، صرف هٿ بند ڪرڻ سبب سمورو خاندان  پريشان آھي، هن چيو ته ڪنگري هائوس توڙي درگاهه شريف جا چڪر ڪاٽيا آھن پر انصاف نه مليو آھي، خليفو احمد راڄڙ ۽ ابراهيم ڌر بڻيل آھن، جنهن ڪري درگاهه شريف پير ڳوٺ جون اختياريون ۽ ڪنگرهائوس وارا پير پاڳاري تائين اسان جي دانهن نٿا پهچائين، مجبور ٿي ميڊيا جو سهارو ورتو آهي، نه ته ڪير پنهنجا ننگ ايئن دنيا آڏو دربدر ڪري سگهي ٿو، هن گهر ڪئي ته خليفن جي زيادتين جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.