نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ وزيراعظم ۽ آرمي چيف ۾ مشورو مڪمل ٿي ويو: فواد چوڌري

0
321

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي وچ ۾ صلاح مشورو مڪمل ٿي ويو آهي.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته نئين ڊي جي آئي ايس آءِ  جي مقرري تي وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي وچ ۾ مشاورت وارو عمل مڪمل ٿي ويو آهي.

وفاقي وزير وزير وڌيڪ چيو ته نئين مقرري جو عمل شروع ٿي چڪو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سول ۽ فوجي قيادت ثابت ڪيو آهي ته ادارا متحد آهن ۽ ملڪ جي استحڪام، سالميت ۽ ترقي لاءِ برابر آهن.

 

ھي به پڙھندا

وزيراعظم اٿارٽي آهي، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪبيون