نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو عمل جلد مڪمل ٿي ويندو، فوج ۽ حڪومت ۾ ڪي به اختلاف ناھن: وفاقي وزير

0
207
ملڪ سبسڊي تي نٿو هلي سگهي
ملڪ سبسڊي تي نٿو هلي سگهي، دنيا ۾ پيٽرول مهانگو ٿيندو ته پاڪستان ۾ به قيمت وڌندي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي ته نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو عمل جلد مڪمل ٿي ويندو، فوج ۽ حڪومت ۾ ڪي به اختلاف ناهن، سڀ هڪ پيج تي آهيون

صحافين سان ڳالھائيندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو عمل قانون موجب جلد مڪمل ٿي ويندو، هڪ مخصوص طبقي هن معاملي ۾ جيڪا راند کيڏڻ پئي گُهرِي، اُهو ناڪام ٿي ويو

وفاقي وزير جو چوڻ ھو ته هاڻي چيو پيو وڃي ته وزيراعظم نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ انٽرويوز ڪندو، اهڙن عهدن تي مقررين کان اڳ ملاقات معمول جي روايت آهي، ھن چيو ته اهڙي عمل کي به تڪراري بڻائڻ انتهائي غيرمناسب آهي

ٻئي پاسي وزيراعظم جي خصوصي معاون شهباز گِل چيو آهي ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري سنجيده معاملو آهي، جيئن حل ٿيندو ته فواد چوڌري شيئر ڪندو.

 

ھي به پڙھندا

وزيراعظم اٿارٽي آهي، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ قانوني گهرجون پوريون ڪبيون