ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ خلاف  آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نيب جي جاچ آفيسر پاران بار بار مهلت طلب ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس آخري ڀيرو مهلت ڏيندي 24 آگسٽ تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي منظور وساڻ جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي،  هوڏانهن پ پ اڳواڻ منظور وساڻ  عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سياسي ماحول جي حوالي سان آگسٽ مهينو هونئن به صحيح ثابت ناهي ٿيو،  هن مهيني ۾ ٻيا به اهم فيصلا ٿيڻا آهن، منهنجي خيال ۾ جيئن عمران خان کي آندو ويو هو، ائين ئي عمران خان ساڳئي تيزي سان واپس پنهنجي جاءِ تي ويندو. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ ماضي ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا هئا، انهن جي درستگي لاءِ اهم فيصلا ڪرڻا آهن، انهي سوال ته مائنس ون جون خبرون اچي رهيون آهن، ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آهي؟ جي موٽ ۾ هن چيو ته  مائنس ون پهريان ٿيوآهي، هاڻ  مائنس ٽو ۽ ٿري جا چانسز آهن،نئين مقري نوان سرپرائيز ڏيندي، جيڪي ڪجهه ڏينهن ۾ نظر ايندا. منظور وساڻ چيو ته عام چونڊون 2023ع ۾ ٿينديون، ٿي سگهي ٿو ته آگسٽ کان پهريان ٿي وڃن پر چونڊون سال 2023ع ۾ئي ٿينديون