نئين صفبنديءَ سان جڙندڙ ٽڪنڊو ۽ موجوده رياستي بحران

0
125
نئين صفبنديءَ سان جڙندڙ ٽڪنڊو ۽ موجوده رياستي بحران

 عدالتي بحران جنهن ريت تيزيءَ سان اُڀري رهيو آهي، ان جون پاڙون ملڪ ۾ مقتدره قوتن جي وچ ۾ هلندڙ طاقت جي توازن ۾ تبديلي جي جنگ سان جوڙڻ کانسواءِ ڪو به چارو ڪونهي. حقيقت اها آهي ته، هن ملڪ جا 24 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو، وڏي عرصي کان پنهنجي آواز ۽ ڏسڻ جي قوت کان محروم ڪيا ويا آهن ۽ رياست جي قسمت جو فيصلو هڪ ٽڪنڊو ئي ڪندو رهيو آهي، جنهن ۾ سياسي اشرافيه، جيڪا سياسي جماعتن جي صورت ۾ پنهنجو اظهار ڪندي آهي، ته ٽڪنڊو هڪ ڪناري تي عدليه جي مٿين منزل يعني سپريم ڪورٽ ۽ ڪنهن حد تائين هاءِ ڪورٽن ۾ ويٺل ڪيترائي طالع آزما جج آهن ۽ ٽڪنڊي جو سڀ کان سگهارو حصو فوج جو ادارو آهي، جيڪو پنهنجي مطلق قوت سان هر ڀيري نه صرف عدليه کي پنهنجن منصوبن لاءِ پاڻ سان گڏ ملائي وٺندو آهي پر ٽڪنڊي جي نسبتن ڪمزور حصي يعني سياسي اشرافيه جي هڪ حصي کي به ٽوڙي پاڻ سان ملائي رياست جي سمورن معاملن جو نگرانِ اعليٰ بڻجي ويٺل آهي.

                 هن ڀيري ائين پيو لڳي ته، ان ٽڪنڊي جو سگهارو حصو يعني فوج تجربيڪار سياسي اشرافيه کي پاڻ سان ملائڻ سان گڏوگڏ عدليه جي هڪ ظاهري طور تي باوقار حصي کي به، اُنهن جي انتظامي ۽ ذاتي تضادن جي ڪري پاڻ سان گڏ جوڙڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪامياب نظر اچي رهيو آهي. اهو تجربو ڪهڙا نتيجا ڏيندو، ان لاءِ ڪُجهه انتظار ضروري آهي. اها نئين صفبندي ئي ته آهي جو مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي لهجن ۾ تمام گهڻو اعتماد آهي ته، ٻئي عدليه، جيڪا ٽڪنڊي ۾ فوجي توازن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارو هو، ان تي پارليامينٽ ۾ ۽ چوراهن تي سڌي ريت حملي آور ٿي رهيا آهن.

عام طور تي ٿيندو ائين آهي ته، ٽڪنڊي جي جنهن حصي تي فوج هٿ رکي ڇڏي، اهو طئي ٿيل منزل ماڻي ئي وٺندو آهي ۽ ان جي لاءِ منزل ڏانهن ويندڙ رستن جون رڪاوٽون تيزيءَ سان غائب ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن. عدليه، خاص طور تي چيف جسٽس جي اوچي اُڏام ڀرڻ وارن پَرن کي نه صرف پارليامينٽ ڪاٽڻ جو انتظام ڪري ورتو آهي، پر عدليه جي اندران به چيف جسٽس جي اُڏام کي محدود ڪرڻ جي رٿابندي ٿي چُڪي آهي. هم خيال ججن ۽ چيف جسٽس تي ڏُکيو وقت آيل آهي، اُنهن لاءِ هر گهڙيءَ وڌندڙ مشڪلاتن تي ميان محمد بخش جو هي شعر ياد اچي رهيو آهي:

ڦنس گئي جان شڪنجي اندر، جيوين ويلني وچ گَنا،

رهو نون ڪهو هُڻ رهوي محمد، هُڻ رهوي گي منان.

(جان شڪنجي ۾ اهڙي نموني سان وڃي ڦاٿي آهي، جيئن پيڙڻ واري چيچڙي ۾ ڪمند ڦاسي ويندو آهي. هاڻي رَسَ کي چئو ته ڪمند اندر رهي ڏيکاري ۽ جيڪڏهن اهو رهجي وڃي ٿو ته پوءِ مڃينداسين.)

ڪالهه تائين ٻڪري بڻيل پارليامينٽ هاڻي شير بڻجي گجگوڙ ڪري رهي آهي ۽ چيتي وانگر مخالفن تي حملي آور ٿي رهي آهي. اهو سڀ ائين به ناهي ته، اهو ڪُجهه ڪنهن جي پرديداريءَ ۾ ٿي رهيو آهي. هِيءَ اُها ئي پارليامينٽ آهي، جيڪا ان عدليه جي فيصلي مطابق عمران خان، قاسم سوري ۽ عارف علوي جي وفاقي اسيمبلي ٽوڙڻ جي قدم کي غير آئيني قرار ڏيڻ باوجود ساههَ سُڪائي خاموش ويٺي رهي، ڄڻ ڪُجهه ٿيو ئي نه هجي. توڙي جو هي اهو وقت هو جڏهن اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ هوڏ ٻڌي بيٺل وزير اعظم ۽ اُن سان گڏ صدر ۽ ڊپٽي اسپيڪر عوام جي شديد ڪاوڙ جو نشانو بڻيا هُئا پر هيڻي پارليامينٽ ۾ ويٺل سياسي اشرافيه اقتدار جي نشي ۾ ان آئين شڪنيءَ تي ٻڙڪ به ٻولي نه سگهي هُئي، ڇوته پنڊيءَ جو اشارو ڪونه مليو هو.

هاڻي سڀ ڪجهه نئين صفبنديءَ تحت ٿيڻ وڃي ائين رهيو آهي. ائين سمورو سسٽم اپوزيشن ۾ ويٺل سياسي اشرافيا جي اقليتي حصي، خاص طور تي عمران خان کي سموري ڍر جي باوجود في الحال سياسي منظر جو ڪمزرور مهرو بنائڻ وڃي رهيو آهي، جڏهن ته نواز شريف ۽ ٻين لاءِ رستو هموار ڪيو پيو وڃي، جن سان پراڻي سسٽم انتهائي شرمناڪ ۽ توهين آميز سلوڪ ڪيو هو. اهڙي ريت ان اڀرندڙ سياسي منظرنامي جا خد و خال اهو ٻڌائي رهيا آهن ته، عمران خان کي ان جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري اهڙو ته مفلوج ڪيو ويندو ته جيئن ايندڙ سالن ۾ هو ڪو به اثرائتو ڪردار ادا ڪري نه سگهي. البته ان کي ساهه کڻڻ جي ايتري ته اجازت هوندي ته ان کي آڪسيجن ٽينٽ مان ڪنهن به وقت ٻاهر ڪڍي موجوده سياسي اشرافيا جي گروهه خلاف استعمال ڪري سگهجي. سياسي اشرافيا جو هڪ حصو جيڪو جمهوريت پسند، روشن خيال ۽ ٻي معنيٰ ۾ پاڻ کي ترقي پسنديءَ تي بيٺل تصور ڪندو هو، ان ظاهري طور تي فوجي اشرافيا جي هٿن تي بيعت ڪري ورتي آهي. اهو سياسي تقيو (جان، مال ۽ عزت کي مخالفن جي شر کان بچائڻ) آهي، يا واقعي به انهن واٽ بدلائي ڇڏي آهي؟! حالات ۽ واقعات ته اهو ٻڌائي رهيا آهن ته انهن جو نظرياتي ظاهر ۽ باطن هڪ ٿي ويو آهي. پرڏيهي معاملن جو وزير بلاول ڀٽو زرداري جو ڀارت مخالف جارحاڻو رويو ۽ ان جي نائب جو طالبان سان ملڻ ثابت ڪري ٿو ته، ٽڪنڊي جي سگهاري حلقي جي نظري مقصدن کي تسليم ڪيو ويو آهي.

جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ائين ٿي ٿو وڃي، جهڙي ريت سوچيو يا رٿابندي  ڪئي پئي وڃي ته پوءِ عدليه جو هڪ وڏو حصو، فوج ۽ برسرِ اقتدار اشرافيا گڏجي هڪ اهڙو ٽڪنڊو بڻجي رهيا آهن، جن ۾ هن وقت ڪو به وڏو تضاد ناهي. نواز شريف واپس اچي ٿو وڃي، عمران خان ايندڙ ڏينهن ۾ ڪو وڏو خطرو نٿو بڻجي ۽ چونڊون نئين اڀرندڙ ٽڪنڊي جي مرضي ۽ منشا موجب طئي ڪيل وقت تي ئي ٿين ٿيون ته، ڇا موجوده بحران مان نڪرڻ ممڪن هوندو؟ منهنجي سمجهه موجب، ان جا امڪان تمام گهٽ نظر ٿا اچن. اهو حڪومتي نه پر رياست کي درپيش بحران آهي. اهو بحارن رياست جي اڻت ۽ ان جي بنيادن ۾ پوندڙ ڏارن جو بحران آهي.، جيڪو ان جي سرشت تي سوال اٿاري رهيو آهي. اهو بحران رياست جي ناڪاميءَ جو سوال کڻي بيٺل آهي، جنهن کي ڪئين ڏهاڪن کان طاقت جي زور تي ٽاريو ۽ لنوايو پيو وڃي.

اڄ جو سڀ کان وڏو سچ اهو آهي ته رياست جا سمورا ادارا بيوس عوام جي نظرن ۾ پنهنجي وقعت ۽ تقدس وڃائي ويٺا آهن. اهي ادارا ۽ سياسي اشرافيا عوام جي اعتماد ۽ ڀروسي تي پورا ناهن لٿا. 24 ڪروڙ جي آباديءَ واري رياست جا 10 ڪروڙ کان به وڌيڪ شهري غربت جي سطح کان هيٺ يعني غير انساني زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن. “غير انساني” جو مطلب آهي جانورن جهڙي زندگي ۽ رياستي بحران ٻڌائي رهيو آهي ته هن سال جي آخر تائين وڌيڪ هڪ ڪروڙ 80 لک جيئرا جاڳندا انسان جانورن جي واڙي، يعني غربت جي ليڪ کان هيٺ هليا ويندا، هيءَ رياست مُني صديءَ کان پوءِ به پنهنجن شهرين کي کاڌ خوراڪ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. مفت اٽي ۽ بينظير انڪم سپورٽ جهڙن پروگرامن شهرين کي پينڙات بنائڻ کانسواءِ ٻيو ڏنو ئي ڇا آهي؟

اهڙي رياست کي ڀلا ڇا چئجي، جتي شهري اٽو حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ حياتيون وڃائي رهيا آهن! هيءَ ڪهڙي رياست آهي، جنهن جي جي ڊي پي ته، 348 بلين ڊالر آهي، جنهن جو 53 سيڪڙو صرف قرضن جي وياج جي ادائگي، دفاعي خرچن ۽ پگهارن جي ادائگيءَ تي خرچ ٿي ويندا آهن! اهڙي رياست جيڪا شهرين سان ڪيل آئيني واعدا پورا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ته ان جي بنيادي ڍانچي جي ڊهي پوڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. رياست طرفان ڪيل واعدن تي عمل جي حالت اها آهي ته رياست صرف پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ ۾ ئي ناڪام ناهي ٿي، برسات ۽ ٻوڏ متاثر پوڻا چار ڪروڙ ماڻهن کي به رياست بي رحميءَ سان حالتن جي رحم ۽ ڪرم تي لاچار ۽ بي يار و مددگار ڇڏي ڏنو آهي.

رياستي ٽڪنڊي جي نمائنده قوتن کي اندازو ئي ڪونهي ته، رياست جو بنيادي ڍانچو ڌڏي رهيو آهي. ملڪي اشرافيا پنهنجن تضادن جي ڪري بي لباس ۽ ڪمزور ٿي رهي آهي پر انهن کي گمان آهي ته، اهي وڌيڪ سگهه حاصل ڪري رهيا آهن ۽ اهوئي گمان رياست کي اڻکٽ بحرانن ۾ ڌڪي چڪو آهي. معيشت جا رهيل سهيل بنياد کوکلا ٿي رهيا آهن. ڪوبه عالمي مالياتي ادارو ان کي گروي رکڻ لاءِ به تيار ناهي. “دوست ملڪن” جي مالي مدد به ان کي ڌٻڻ مان ڪڍي نه سگهندي. رياست جو مقتدر ٽڪنڊو پنهنجي جبلت جي عين مطابق پنهنجن ئي شهرين خلاف بيهي چڪو آهي. سمورو معاشي ۽ سياسي ڍانچو ايڊز زده ٿي چڪو آهي. ان جو علاج ڪاسميٽڪ قدمن سان ڪرڻ ممڪن ناهي. رياست جا سگهارا حصا جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن، ڪندا آيا آهن، ان جو نتيجو خطي جو اربين عوام ڀوڳي رهيو آهي. (ان تي ڪنهن ٻئي ڀيري تفصيل سان ڳالهائبو.) رياست کي هاڻي مُني صديءَ کان جاري پنهنجو انسان ڪش مشن ترڪ ڪندي تاريخي “يو- ٽرن” وٺڻو پوندو. پنهنجي سياسي، معاشي ۽ سفارتي محاذ تي ٿاڦيل خودڪش نظري بيانئي کي خيرباد ئي چوڻو پوندو.

وقت ۽ حالتون ڊگهي وقت کان اها گهر ڪري رهيون آهن ته فوج سياسي، ڪاروباري ۽ ٻين معاملن ۾ مداخلت ۽ حصيداري ختم ڪري. فوجي ۽ سويلين ڪامورا شاهيءَ جي غير ضروري خرچن ۾ وڏي ڪٽوتي ڪئي وڃي. رياست جي بنياد کي حقيقي معنيٰ ۾ وفاقي وحدتن جي رضاڪاراڻي اتحاد کي عملي طرح تسليم ڪرڻ ضروري آهي. شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ، طاقت ۽ تشدد سان اختلافي آواز دٻائڻ واري عمل کي روڪيو وڃي. انعام ۽ اڪرام ۾ ڏنل زرعي ايراضي فارم هائوس ۽ پلاٽ خالي ۽ آجا ڪرايا وڃن. ريڊيڪل زرعي سڌارن تي عمل ڪرايو وڃي ته جيئن اڌ آباديءَ جي قوتِ خريد ۾ واڌارو ٿئي ۽ صنعت جو ڦيٿو روان ٿي سگهي. اسان کي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي جڙت لاءِ اولهه جي ملڪن ڏانهن ڏسڻ بدران اوڀر ڏانهن بند ڪيل دروازا کولڻ گهرجن. ڀارت سان واپاري ۽ سفارتي لاڳاپن جي شروعات بنان ڪنهن شرط جي ڪرڻ خطي جي امن ۽ ترقيءَ لاءِ ضروري آهي. جيڪڏهن چين ڀارت سان سمورن سرحدي تڪرارن ۽ جنگ جي باوجود ساليانو 136 ارب ڊالرن جو واپار ڪري سگهي ٿو ته پاڪستان ڇو نه؟

سڀني کي اها ڄاڻ آهي ته، اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ سان رياست تي قابض اشرافيا جي مفادن تي ضرب لڳندي، جيڪا اهي ڪڏهن به لڳڻ نه ڏيندا. بدقسمتي اها آهي ته، هن وقت اهڙي ڪا سياسي تحريڪ به موجود ناهي، جيڪا ان ٽڪنڊي کي ٽوڙي، جنهن رياست کي يرغمال بڻائي ورتو آهي. گرامچي جو چوڻ هو ته، “پراڻي دنيا مري رهي آهي ۽ نئين دنيا پيدا ٿيڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. هاڻي راڪاسن جو وقت آهي”. پر اسان جي لاءِ ته اڃان به پراڻي دنيا ختم ئي ناهي ٿي، ۽ راڪاس چوڌاريءَ تباهي ڦهلاي رهيو آهي.