نئين سپهه سالار جي مقرري کان اڳ شروع ٿيل تڪرار

0
267
تخت لاھور جي ڪرسي ، عدليه جو امتحان

 ھلندڙ سال نومبر ۾ ھٿياربند فوج جي نئين سپهه سالار جي مقرري کان پھرين تڪراري بڻجڻ  سان گڏوگڏ نئون بحث ڇڙي ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي سربراهه سابق وزيراعظم عمران خان آخر ڪار فيصل آباد جلسي ۾ ايندڙ نئين آرمي چيف جي مقرري کان پھرين اھڙو خدشو ظاهر ڪيئن ڪيو آهي ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ڪڏهن به نه چاھيندا ته آرمي چيف اھڙو مقرر ٿئي جيڪو سندن ڪرپشن جو پڇاڻو ڪري سگهي، ان لاءِ ھو پنھنجي مرضي مطابق چاھيندا ته آرمي چيف مقرر ٿئي. عمران خان جو بيان اچڻ شرط فوج جي اندر سخت ڪاوڙ غصي جو اظهار ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ان اداري جون قربانيون قوم جي آڏو آھن ان قسم جي بيانن سان تڪراري بنائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. وقت اچڻ تي نئين آرمي چيف جي مقرري ميرٽ جي بنياد تي ٿيندي، قياس آرائي اداري جي مفاد ۾ناهي. جڏهن ته حڪومتي سطح تي پڻ عمران خان جي بيان جي نه صرف مذمت ڪئي وئي آهي بلڪه عمران خان کي بوکلاهٽ قرار ڏيندي چيو ويو ته جڏهن کان سندس اقتدار جو خاتمو ٿي ويو آهي ان ڏينهن کان سندس ذھني توازن خراب ٿي ويو آهي. بچاءُ جي وزير خواجه آصف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان جو بيان غداري جي زمري ۾اچي ٿو. توانائي جي مملڪتي وزير مصدق ملڪ سان گڏ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن پڻ ان قسم جي بيان جي مذمت ڪندي موقف اختيار ڪيو ته فوج جي اداري کي تڪراري نه بڻايو وڃي. جڏهن ته اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله پيمرا خلاف عمران خان جي درخواست جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته عمران خان جو فوج جي حوالي سان بيان نامناسب آهي، کيس ان ڳالهه جي ڄاڻ ھئڻ کپي ته ان جا ڪھڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا. ھوڏانھن ٽي وي چينلن تي ان حوالي سان ھر ھڪ تجزيا نگار پنھنجو تجزيو پيش ڪندي نظر اچي رهيو آهي. جنهن ۾ ڪجهه عمران خان جي موقف جي حمايت ۾ ته وري ڪجهه سندس خلاف ڳالھائي اھو سوال اٿاري رھيا آھن ته عمران خان فوج جي اداري کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ان ڪري کيس ان جي سزا ملڻ گهرجي.

ھاڻي سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته فوج جي اداري کي تڪراري بڻائڻ جي شروعات ڪٿان کان ٿي؟ ھلندڙ سال نومبر مھيني ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 6 سالن جي مدت پوري ڪري رٽائر ٿي ويندو. سندس جاءِ تي اصولي طور تي سينئر ترين جنرل کي سپهه سالار جي عھدي تي ترقي ڏئي مقرر ڪيو ويندو، ان لاءِ جنرل قمر جاويد باجوه چار کان پنج نالن جو پينل وزيراعظم شھباز شريف ڏانهن موڪليندو ۽ وزيراعظم شھباز شريف پنھنجي صوابديدي اختيارن جي مطابق سينئر ترين جنرل يا ڪنهن ٻئي کي مقرر ڪري سگهي ٿو. ھن وقت چيف آف اسٽاف جنرل اطھر عباس پھرئين نمبر تي ۽ پنڊي ڪور جو جنرل ساحر شمشاد ٻئي نمبر تي آھن. ليڪن آرمي چيف جي مقرري جي نالن جي ريس ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو جنرل نعمان، بھاولپور جو ڪورڪمانڊر جنرل فيض حميد ۽ گجرانوالا جو ڪورڪمانڊر جنرل راجا عامر علي پڻ شامل آهن. ظاھري طور تي انھن چار پنجن مان هڪ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ٻيو آرمي چيف جي عھدي تي ترقي ماڻيندو. ليڪن سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته عمران خان جي منشا مطابق نئين آرمي چيف جي مقرري نه ٿي ٿئي ته پوءِ جيڪو تڪراري بيانيو کڻي عوام ۾ ايندو ان سان لاڳاپيل اداري جي ساک ڪيتري حد تائين متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ ايندڙ عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي قيادت نتيجن کي ڪيستائين قبول ڪندي؟ ڇو ته ماضي ۾ ھميشھ عام چونڊن جي نتيجن کي ڪنهن به سياسي جماعت قبول ناهي ڪيو. پر ھتي سنڌي پھاڪي مطابق ته ڄائي ناهي ناني جي مھانڊي، نئين آرمي چيف جي مقرري جو مرحلو آيو ناهي ليڪن وقت کان پھرين تڪراري ضرور بڻجي ويو آهي.

ماضي ۾ ڊڪٽيٽر ضياءُ جو جھاز ھوا ۾ ڌماڪي ۾ تباھ ٿي ويو ھو ته ان وقت جنرل اسلم بيگ آرمي چيف جو عھدو سنڀالي ورتو، بعد ۾ 1990ع ۾ نواز شريف آصف نواز جنجوعه کي آرمي چيف مقرر ڪيو. ٽن سالن بعد نواز شريف جنرل وحيد ڪاڪڙ کي آرمي چيف جي عھدي تي ترقي ڏئي مقرر ڪيو ۽ بينظير ڀٽو وزيراعظم جي حيثيت ۾جنرل جھانگير ڪرامت کي آرمي چيف مقرر ڪيو هو، ليڪن فاروق لغاري سندس حڪومت کي ھٽائي ڇڏيو. نواز شريف ٻيھر وزيراعظم ٿيو ته ان وقت آرمي چيف جنرل جھانگير ڪرامت قومي سلامتي ڪميٽي جي قيام جي تجويز پيش ڪئي، جيڪا ڳالهه نواز شريف کي قبول نه ٿي، کيس وزيراعظم ھائوس۾گھرائي استعيفا وٺي ڇڏي ۽ جنرل پرويز مشرف کي آرمي چيف جي عھدي تي ترقي ڏئي مقرر ڪيو. بعد ۾ جنرل پرويز مشرف کيس جيل جي ھوا کارائي. پيپلزپارٽي جي حڪومت کان پھرين جنرل پرويز مشرف وردي لاهيندي جنرل پرويز ڪياني کي آرمي چيف مقرر ڪيو ۽ نواز شريف 2013ع  ۾ ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيو ته جنرل راحيل شريف کي آرمي چيف بنايو ۽ راحيل شريف جي سفارش تي نواز شريف جنرل قمر جاويد باجوه کي ٽئين درجي تان کڻي آرمي چيف مقرر ڪيو. ليڪن نواز شريف ته مدت پوري نه ڪري سگهيو پر جنرل قمر جاويد باجوه جي دور ۾ نواز شريف کان پوءِ شاھد خاقان عباسي، ناصر الملڪ، عمران خان ۽ شھباز شريف وزيراعظم جي عھدي تي رھيا. نواز شريف ملڪ جو واحد وزيراعظم رھيو جنھن سڀني کان وڌيڪ آرمي چيف مقرر ڪيا ليڪن سندس ڪنھن سان به ھم اھنگي نه ٿي.

 جڏهن 2016/2017ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جي خلاف پاناما ڪيس جي سپريم ڪورٽ ۾ سماعت جي دوران کيس پنھنجي پٽ جي ڪمپني کان پگھار نه وٺڻ تي عوامي عھدي تان نااھل قرار ڏئي ھٽايو ويو هو ته نواز شريف اسلام آباد کان لاهور ويندي جي ٽي روڊ تي جنرل قمر جاويد باجوه ڊي جي آءِ ايس آءِ جا نالا کڻي چوڻ لڳو ته سندس حڪومت صحيح ھلي رھي ھئي، ليڪن کيس سازش تحت اقتدار مان ڪڍيو ويو. آصف زرداري صدر جي عھدي تان لھڻ کان پوءِ زرداري ھائوس ۾ ڪارڪنن کي خطاب دوران فوج ڏانھن اشارو ڪندي چيو ھو ته توھين ٽن سالن لاءِ اچو ٿا اسان کي سڄي زندگي سياست ڪرڻي آهي، مجبور نه ڪريو جو اوھان جي فيصلن کي عوام جي آڏو پيش ڪريون. جڏهن ته ان کان وڌيڪ مريم نواز دھشتگردي جي پويان وردي، اياز صادق قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي اندر جو احوال ٻاھر پارليامينٽ ۾ اچي پيش ڪيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جون ٽنگون ڏڪي رهيون ھيون. خواجه آصف جون پڻ ڪئين تقريرون پارليامينٽ جي فلور تي موجود آهن جن ۾ ھن فوج کي جنگون ھارائڻ جو ذميوار قرار ڏنو. تازو مولانا فضل الرحمان ھڪ کان وڌيڪ موقعن تي سڌي اڻ سڌي طرح ادارن ڏانهن اشارن ۾ چيو ته لاڏلي عمران خان جي مٿان انھن جو ھٿ آهي جن کيس 2018ع ۾ اقتدار ۾آندو. ھاڻي کين پنھنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي ته ھو لاڏلي سان گڏ آھن يا چونڊيل حڪومت سان گڏ آھن.

حالانڪ ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل حڪومت کي ڊڪٽيٽر ضياءُ ختم ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني جيالن کي ڪوڙا هنيا ويا ڦاهي جون سزائون ڏنيون ويون، ليڪن ان وقت به پيپلزپارٽي ڊڪٽيٽر ضياءُ جي مارشل لا خلاف جدوجھد ڪئي. اداري ۾ ھڪ ڊڪٽيٽر جي ڪري  اداري جي عوام ۾ ساک متاثر ٿي وئي. بعد ۾ 1988ع ڊڪٽيٽر ضياءُ محمد خان جوڻيجو کي اقتدار تان هٽايو ته هو خاموشي سان پنھنجي اباڻي ڳوٺ سنڌڙي ھليو ويو، حالانڪ ان تي  ڪرپشن جو ڪوبه الزام نه ھو پر هن اداري جي ساک کي متاثر نه ڪيو. ھن وقت عمران خان جنهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق پارليامينٽ مان قانون سازي ڪري آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کي وڌيڪ ٽن سالن جي توسيع ڏني، کيس اقتدار جي ڌڻين جو لاڏلو قرار ڏنو پئي ويو پر جڏهن بي اعتمادي جي رٿ ۾ امپائر نيوٽرل ٿي ويو ته کيس گھر ڀيڙو ڪيو ويو. عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جي درميان اختلاف گذريل سال ڊي جي آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي مقرري تان شروع ٿيا جڏهن عمران خان نه ٿي چاهيو ته جنرل فيض حميد کي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي سربراهه واري عھدي تان ھٽائي ڪورڪمانڊر پشاور مقرر ڪيو وڃي. جڏهن ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته جنرل فيض حميد کي ڊي جي آءِ ايس آءِ تان ھٽائي ڪورڪمانڊر پشاور مقرر ڪيو. بعد ۾ آھستي آھستي اختلافن ڪر کڻڻ شروع ڪيو ۽ ھلندڙ سال مارچ مهيني ۾ شروع ٿيل لڙائي اپريل مھيني ۾ اقتدار مان فارغ ٿيڻ سان پڄاڻي تي ته پھتي پر خطرناڪ حوالي سان جيڪو پنهنجي حوالي سان  بيانيو کڻي نڪتو آهي ته کيس ڀت سان لڳايو ويو ته پوءِ نه صرف ھو وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندو بلڪه سندس اقتدار جي خاتمي ۾ جيڪي ڪردار شامل آهن انھن چار ڄڻن جا نالا ٽيپ ڪري ڳجھي نموني رکي ڇڏيا آهن.

چيو وڃي ٿو ته عمران خان کي ان ڳالهه جي ڄاڻ پئجي وئي آهي ته اقتدار جي جن قوتن سان سندس مھاڏو اٽڪيو آھي اھي ڪڏهن به نه چاھينديون ته ھو ٻيھر اقتدار ۾اچي سگهي. ان ڪري عمران خان اھو رستو اختيار ڪيو آھي. غير جانبدار حلقن جو خيال آهي ته عمران خان کي اقتدار مان نڪرڻ جو جيڪي نقصان پھچڻو ھو ان کان وڌيڪ ملڪ کي نقصان پھچي سگھي ٿو. ڇو ته ملڪ معاشي بحران مان ناھي نڪتو عالمي مالياتي اداري پاران قرض جي قسط ملڻ باوجود مھنگائي ۾ گھٽتائي ناهي آئي. مالياتي ادارا ايندڙ سال ملڪ ۾ ھنگامن ۽ احتجاجن جو پڻ خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن. مٿان تازين برساتن جي ڪري سڄي ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾جيڪا تباھي آئي آهي لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ھزارين ماڻھو وفات ڪري ويا آهن لکين جانور لڙھي مري ويا. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي 14 سالن کان حڪومت جي موجوده برساتي وھڪرن ۾  ڪارڪردگي کي پڻ وائکو ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري موجوده صورتحال ڪنهن به تحريڪ کي برداشت ڪري نه ٿي سگهي.  ۽ جيڪڏهن سنڌ ۾  اھا صورتحال رھي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي کي اھڙن ضلعن مان شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو جنهن جو پيپلز پارٽي جي قيادت سوچي به نه ٿي سگهي.