نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئين ديري ۾ دادو ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ خلاف 20ڳوٺن جي آبادگارن سڪل ٻيجارو هٿن ۾ کڻي شهمير خان ڏاهاڻي، عبدالرحيم ڏاهاڻي،  گدا حسين شيخ، نجف ڀٽو، اوشاق آگاڻي، ستار شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، مئي مهيني وارو پاڻي آگسٽ ۾ به ناهي ڏنو ويو، ٽيوب ويلن تي پوکيل ٻيجارو به سڙي سڪي رهيو آهي. اسان جون دانهون آخر ڪير ٻڌندو. هنن چيو ته زيتونن جا باغ، سبزيءَ جون واڙيون، ساريالي فصل جو ٻيجارو سڙي سڪي وڃڻ ڪري لکين رپين جو نقصان پئجي رهيو آهي. پاڻي فراهم ڪري پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، جيڪڏهن شام تائين پاڻي نه ڏنو ويو ته آبپاشي کاتي جي انجنيئر جي آفيس جو گهيراءُ ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهنداسين