نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو ڀرسان ڳوٺ  سانول جروار ۾ ساجد جروار جي ڪکائين گهر کي باھ لڳڻ سبب گهر اندر پيل هنڌ، کٽون، اناج ڪپڙا، بيڪومشين ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. اطلاع تي فائر برگيڊ جي ٽيم پهچي باھ تي ضابطو آندو. متاثر گهر مالڪ ساجد جروار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اوچتو گهر کي باھ لڳي وئي باھ سبب گهر اندر پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو اسان سر بچائي ٻاهر نڪتا آهيون.