حيدرآباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت نيب ۾ نئين ترميم بعد بريت جي درخواست تي صوبائي وزير ڄام خان شورو سميت 18 ڄڻن خلاف داخل سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري نيب ريفرنس جي ٻڌڻي 29 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ٻڌڻي دوران صوبائي وزير ڄام خان شورو، سندس ڀاءُ ڪاشف شورو ۽ ڀائٽي ڪرن خان شورو سميت روينيو کاتي ۾ ملازمت ڪندڙ 18 جوابدار وڪيلن معرفت عدالت ۾ پيش ٿيا. وڪيل شهزاد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ريفرنس ۾ نامزد روينيو ملازم حق نواز ٽالپر سميت 2 جوابدارن بريت جي درخواست ڏيندي ڄاڻايو آهي ته نئين ترميم بعد هاڻي سندن ڪيس نيب ۾ نه ٿو هلي سگهي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر کي معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ چيو پر هن مهلت طلب ڪئي جنهن تي عدالت کيس 15 ڏينهن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي 29  آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. صوبائي وزير جي وڪيل پرڪاش جهمٽ مل ٻڌايو ته ريفرنس ۾ نامزد هڪ جوابدار اختر فوت ٿي ويو آهي جنهن بابت به عدالت نيب کي تصديق جو حڪم ڏنو آهي. گذريل سال نيب 20 ايڪڙ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪرڻ تي ڄام خان شورو، سندس ڀاءُ، ڀائٽئي ۽ روينيو عملدارن سميت 18 ڄڻن خلاف ريفرنس داخل ڪيو هو.