نئون ديرو (رپورٽ: فقير نور سومرو) ٽرانسپورٽرز کي نئين بس اسٽينڊ ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ پوليس پاران شهر جي داخلي روڊن کي لڪڙا لڳائي بند ڪيو ويو، جنهن دوران ٽرانسپورٽرز ۽ پوليس ۾ منهن ماري ٿي پئي، جنهن بعد پوليس پوئتي ڌڪڻ لاءِ ٽرانسپورٽرز تي لٺبازي ڪري ڏني. پوليس جي لٺبازي سبب سخت ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي پئي ۽ چڪريون پڻ ٿيون، ان موقعي تي ٽرانسپوٽرز سخت مزاحمت ڪئي، جنهن تي موقعي تي موجود شهرين ڊي ايس پي نئون ديرو ۽ ايس ايچ او سميت ٻين پوليس اهلڪارن کي ڀرواري هوٽل جي ڪمري ۾ وٺي ڇڪتاڻ ختم ڪرائي. بعد ۾ پوليس جي زيادتي خلاف ٽرانسپورٽرز پاران الطاف جروار، ظهير ڀٽو، رياض جلباڻي، طارق سهاڳ، ستار ڪنڀر، اياز ناريجو، قمبر لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شگر مل باءِ پاس تي گاڏيون بيهاري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ٽرانسپورٽرز دانهون ڪندي چيو ته پوليس ڏاڍائي ڪري اسان کي شهر اندر نٿي ڇڏي، جنهن ڪري اسان جو روزگار ٺپ ٿي ويو آهي. هنن چيو ته نئين بس اڏي تي وڃڻ جو چيو وڃي ٿو، جتي ڪا به سهولت ميسر ناهي، جنهن ڪري مسافر اتي اچن ئي نٿا، هنن چيو ته گاڏيون خالي هلائڻيون پون ٿيون، روزگار نه ٿيڻ ڪري ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته نئون بس اڏو ٽرانسپورٽرز جي صلاح مشوري بنا اڳوڻي ايم پي اي پنهنجي غير آباد زمين جو ملهه وڌائڻ لاءِ ٺهرايو جيڪو شهر کان گهڻو پري آهي، هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ داخل ٿيڻ ڏنو وڃي، ان حوالي سان شهر جي ماڻهن ٽرانسپورٽرز سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو ۽ کين يقين ڏياريو ته انتظاميا سان ڳالهيون ڪري اوهان جا نئين بس اڏي بابت خدشا ختم ڪيا ويندا.