نئين افغان حڪومت نائن اليون واري ڏينهن تي حلف کڻندي

0
345
افغانستان جي نئين عبوري

ڪراچي(م ڊ) نئين افغان حڪومت 11 سيپٽمبر تي نائن اليون کي 20 سال مڪمل ٿيڻ واري ڏهاڙي تي حلف کڻندي.

طالبان طرفان ٻه ڏينهن اڳ عبوري حڪومت جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن ۾ ملا محمد حسن اخوند کي افغانستان جو وزيراعظم جڏهن ته ملا عبدالغني برادر ۽ مولوي عبدالسلام حنفي کي نائب وزيراعظم مقرر ڪيو ويو هو.

هاڻي هي ٻڌايو پيو وڃي ته نئين افغان ڪابينا آمريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ ٽاور تي ٿيل حملي کي 20 سال مڪمل ٿيڻ واري ڏهاڙي يعني 11 سيپٽمبر تي حلف کڻندي، نئين افغان ڪابينا جي حلف برداري تقريب ۾ روس جا عهديدار به شريڪ ٿيندا.

آمريڪا ۽ يورپي يونين جي طرفان طالبان جي عبوري حڪومت تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي طرفان نئين افغان حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن جو چوڻ هو ته طالبان حڪومت ۾ اهڙا ماڻهو به شامل آهن جيڪي آمريڪي ادارن کي گهربل آهن، طالبان کي نئين حڪومت جي ڪجهه نالن لاءِ دنيا کان قانوني حيثيت حاصل ڪرڻ پوندي.

ٻئي پاسي پاڪستاني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اميد ظاهر ڪئي آهي ته افغانستان ۾ نئون سياسي انتظام تحت امن ۽ استحاڪ ۽ سلامتي کي يقيي بڻايو ويندو.

سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فصل چيو ته سعودي عرب افغان عوام جي مدد لاءِ پر عزم آهي، افغان عوام بغير ٻاهرين مداخلت جي جيڪو به رستو چونڊ ڪندو سعودي عرب حمايت ڪندو.

ھي به پڙھندا

عورتن کي ڪرڪيٽ سوڌو جسم جي نمائش وارين راندين جي اجازت نه ڏينداسين: طالبان