نئين افغان آرمي چيف عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

0
408
افغان آرمي چيف قاري فصيح الدين
نئين افغان آرمي چيف عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

ڪابل: افغان آرمي چيف قاري فصيح الدين سرڪاري ذميواريون سنڀالي ورتيون. طالبان جي قبضي کان پوءِ ، افغانستان جي عبوري ڪابينا ۽ ٻين ادارن جي سربراهن جو اعلان ڪيو ويو هو.

اعلان موجب سينيئر طالبان ڪمانڊر قاري فصيح الدين کي آرمي چيف مقرر ڪيو ويو هو.  ھاڻي افغانستان جي سرڪاري خبر ايجنسيءَ مطابق ، افغان آرمي چيف قاري فصيح الدين عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آھي.

سرڪاري نيوز ايجنسي پاران جاري ڪيل هڪ تصوير ۾ ، قاري فصيح الدين کي آفيس ۾ سادن ڪپڙن ۾ ڪرسي تي ويٺل ڏسي سگهجي ٿو.