نئون ڳوٺ (ن پ ا) نئون ڳوٺ جي شاھي بازار مان نامعلوم چورن عباسي ڪميونيڪيشن جي دڪان جا تالا ڪٽي 2 لک جا قيمتي موبائيل فون ۽ 1 لک روڪ رقم چوري ڪري ويا. دڪاندارن محمد عالم عباسي محمد امين ڪلھوڙو اختيار لاکير جي اڳواڻي ۾ سوين شھرين پنهنجو ڪاروبار بند ڪري بچاء بند تي پوليس خلاف سخت ناري بازي ڪري ميھڙ نئون ڳوٺ روڊ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا جنھن ڪري ٻنهي طرفن کان گاڏين جي اچ وڃ بند ٿي وئي. شهرين چيو ته چوري جا سي سي ٽي وي ۾ فوٽو موجود آھن انھن جو پوليس کي بروقت اطلاع ڪيو پر پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي نٽائي رھي آهي. بعد ۾ ايس ايچ او طفيل شاھ ڌرڻي واري جاء تي پھچي ڳالهيون ڪري ڪيس داخل ڪرڻ ۽ سي سي ٽي وي جي مدد سان جوابدارن کي ٻن ڏينهن اندر گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.