نئون ڳوٺ (ن پ ا) نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ ٽوھڙ شيخ ۾  مڙس جي ظلم خلاف ناري مختيار خاتون پنهنجي ماء سان گڏ ٿاڻي تي پھچي مڙس جي تشدد ۽ ناجائزين خلاف اين سي داخل ڪرائي ڇڏي. پوليس ڌڪي عورت کي ليٽر ڏئي علاج لاء راڌڻ اسپتال موڪلي جوابدار جي گرفتاري لاء پوليس ڳوٺ رواني ٿي وئي. ان موقعي تي ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي ناري جي ماء ڀاڳل شيخ ٻڌايو ته منهنجي ڌي تي سندس مڙس مھتاب علي گھر جي ٻين عورتن جي چوڻ تي تشدد ڪندو آھي. هن مار ڪٽ ڪري ٽنگ ۾ سرن جا ڌڪ ھڻي رتورت ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو آهي. مون کي ۽ منهنجي ڌي کي جان جو خطرو آھي جوابدار کي گرفتار ڪري تحفظ ڏنو وڃي.