نئون ڳوٺ (ن پ ا) نئون ڳوٺ ڀرسان گھر جي ڇت ڪري پئي، 3 مهمان نينگر زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾  ڳوٺ غلام قادر چانڊيو ۾ مائٽن ڏانھن گھمڻ لاء آيل ڳوٺ خاطر خان چانڊيو جا رھواسي ٻه معصوم ڀائر 5 ورھين جي معظم ۽ 3 ورھين جي مجاھد ٻئين پٽ مزن خان چانڊيو ۽ 7 ورھين جي عدنان پٽ شيراز چانڊيو مٿان گھر جي ڀت ڪري پئي، نتيجي ۾ ٻارڙا سخت زخمي ٿي جن ۾ ھڪ جي ٻانھن ۽ ٽنگ ڀڄي پئي. زخمي ٻارڙن کي نئون ڳوٺ نجي اسپتال آندو ويو جڏھن ته گھر جي ڀت ڪرڻ سبب گھر ۾ رڙيون پئجي ويون ڳوٺاڻن پھچي زخمين کي ڪڍي نجي اسپتال پھچايو آھي