نئون ڳوٺ (ن پ ا ) درگاهه سعدي موساڻي تي زيارت لاءِ آيل ڳوٺ حاجي شھمير ٻٻر جي رھواسڻ شادي شدھ 20 ورھين جي بيبل راڻي زال حبيب الله ٻٻر مبينا اغوا ٿي وئي آھي، ان حوالي سان نئون ڳوٺ ٿاڻي تي عورت بيبل جي مڙس حبيب الله ٻٻر جي فرياد تي پوليس ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته رات جو ٻن اڻڄاتل جوابدارن هٿيارن جي زور تي منهنجي گھرواري کي اغوا ڪري ويا آهن، فريادي موجب جوابدار سون به کڻي ويا آهن، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي زال کي بازياب ڪرايو وڃي.