نئون ڳوٺ (ن پ ا) نئون ڳوٺ ويجھو شاھپنجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ سھراب ڇڄڙو ۾ پراڻي زميني تڪرار تان پفاٽ ۽ ماروٽن وچ ۾ ٿيل جھيڙي جو زخمي وزير ڇڄڙو زخمن جا سور نه سھندي لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي، جنھن جو لاش لاڙڪاڻو کان ڳوٺ وليو کوسو آندو ويو، جتي سندس تدفين ڪئي وئي، جڏھن واقعي ڪيس داخل نه ٿي سگھيو ھو. شاھپنجو پوليس موجب وارثن طرفان صلاح مشوري بعد ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو ويو آھي.