نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ لڳ ڳوٺ دائم خان گرگيز جي رهواسڻ مسمات ڪريمان گرگيز پنهنجي مڙس رشيد گرگيز ۽ معصوم پٽ سميت پريس ڪلب نئون ڪوٽ ۾ احتجاج ڪندي الزام هنيو ته رات دير سان منهنجي مڙس جي غير موجودگي ۾ چنيسر گرگيز، قاسم گرگيز ۽ ٻين منهنجي گهر ۾ گهڙي مونکي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مون رڙيون ڪيون ته هنن مون کي مارڪٽ ڪري ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري فرار ٿي ويا. آئون ۽ منهنجو مڙس اهڙي درخواست نئون ڪوٽ پوليس وٽ کڻي وياسين، پر پوليس اسان کي ليٽر ڏئي موٽائي ڇڏيو ۽ جوابدارن سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي. هنن چيو ته جوابدار ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن ان ڪري پوليس اسان جي هڪ به نٿي ٻڌي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايچ او نئون ڪوٽ موجب ڄاڻايل ماڻھن جا گهرو معاملا هلندڙ آھن ھي هڪ ٻئي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ڊراما ڪري رهيا آھن، اسان ناري کي علاج لاءِ ليٽر ڏنو، ان ۾ اهڙو ڪو به ذڪر ناهي ته ناري تي تشدد ٿيو آھي هي پوليس کي بليڪ ميل ڪري رهيا آھن.