نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ جي نجي اسپتال ۾ گيسٽرو ۾ مبتلا ٻن سالن جي ٻارڙي علاج دوران فوت، وارثن جو غلط انجيڪشن لڳائڻ جو الزام، ڊاڪٽر اسپتال ڇڏي کسڪي ويو، ان ڏس ۾ فوتي ٻارڙي جي وارثن الھبچايو جسڪاڻي ۽ اشرف جسڪاڻي ٻڌايو ته هو گذريل ڏينهن گيسٽرو ۾ مبتلا ٻن سالن جي فائزه کي علاج لاءِ ڊاڪٽر عابد قائمخاني وٽ کڻي آيا، جتي هن داخل ڪرڻ بعد ٻارڙي کي انجيڪشن لڳائي ته هن جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن تي ڊاڪٽر ٻارڙي سان گڏ عورتن کي ڌڪا ڏئي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، هنن ٻڌايو ته ٻارڙي کي مٺي کڻي وڃي رهيا هئاسين ته هوءَ رستي ۾ فوت ٿي وئي، هنن الزام هنيو ته ڊاڪٽر عابد قائمخاني عطائي ڊاڪٽر آھي، جنهن ٻارڙي کي غلط انجيڪشن لڳائي جنهن ڪري هوءَ فوت ٿي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، نئون ڪوٽ پوليس فوتي ٻارڙي جي وارثن جي شڪايت تي عابد قائمخاني جي ڪلينڪ تي سندس گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو پر هو هٿ نه اچي سگهيو، جنهن بعد پوليس ڪلينڪ تي ويٺل ڊسپينسر کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي،